دادو پنٿي

دادو پنٿي: دادو پنٿ جو بنياد دادو ديال نالي هڪ ويدانتي بزرگ ۽ شاعر رکيو هو، جنهن اولهه راجسٿان ۾ 1544ع ڌاري جنم ورتو، ۽ 03-1601ع ڌاري لاڏاڻو ڪيو هو. ڪبير پنٿ کان پوءِ دادو پنٿ هڪ اهم سلسلو آهي، جنهن ۾ چئن قسمن جا ساڌو شامل آهن:
(1) کاڪي (خاڪي): هــي جـسـم تي ڀڀوت (مٽي) مَليندا آهن ۽ مٿي تي وارن جي چوٽي ڇڏيندا آهن.
(2) ورڪت يا ورڪٿاس: هي گيڙو ڪپڙا پائيندا، هٿ ۾ ڪٽورو رکندا ۽ ڀڄن ڳائيندا آهن، هڪ هنڌ گهر ٺاهي نه رهندا آهن، بلڪه لاڏائو آهن.
(3) نانگا: هي ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن ۽ چوٽي به رکائيندا آهن.
(4) ٿانڀاڌاري: ’ٿانڀا ڌاري‘ ۽ ’نانگا‘ پڻ اڇو لباس پهريندا آهن، ٻني ڪندا آهن. مڇون ۽ مٿو ڪوڙيندا آهن، حڪمت ۽ نوڪريون به ڪندا آهن.
دادو پنٿي مورتي پوڄا نه ڪندا آهن ۽ مذهبي رواداريءَ جا قائل آهن.
دادو پنٿ جا ڪل 52 ديار هئا، جن مان 520 نکون ٺهيون. هن پنٿ ۾ گھڻو ڪري برهمڻ، کتري، راجپوت، جت ۽ گجر ذاتين جا ماڻهو گهڻا شامل آهن.
هن پنٿ جا ماڻهو دادوءَ کي پرنام ڪندا آهن. شام جو آرتي ڪندا آهن. ڏيئا ٻاريندا آهن. کين ڪو الڳ مندر نه آهي. هي ’ساڌو رام‘ يعني ’سچي ڌڻيءَ‘ جو نالو وٺندا آهن. گرو دادو ديال جا ڪجهه تيرٿ يعني پيالو، چولو ۽ چاکڙي هڪ غار ۾ رکيل آهن، جتي هو رهندو ۽ پوڄا پاٺ ڪندو هو، اُها غار سمڀار ۾ موجود آهي. جيڪڏهن ڪو شخص هن پنٿ ۾ شامل ٿيندو آهي ته پهرين کيس هن پنٿ جو جوڳ پچائڻو پوندو آهي. مٿس سختي ڪئي ويندي آهي ته هو گوشت نه کائيندو، برهمچاري ٿي رهندو ۽ پني کائيندو. پنٿ ۾ شامل فرد کي اهڙيون هدايتون گُرو ڏيندو آهي. پنٿ ۾ شامل شخص جون مڇون ڏاڙهي ۽ مٿو گُرن ۽ ساڌُن جي روبرو ڪوڙيو ويندو آهي. سندس مٿي تي صرف چوٽي ڇڏي ويندي آهي ۽ ڪپالي ٻڌي ويندي آهي. دادو پنٿين ۾ مرد توڙي عورتون شامل هوندا آهن. ٻيا پاڻ ۾ شادي نه ڪن، پر سبتر ڌاري دادو پنٿي شادي ڪندا آهن. هنن مان گھڻا واپاري ۽ دولتمند آهن، جيڪي اَنَ وغيره جو واپار به ڪن ٿا.


لفظ دادو پنٿيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو